اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون - ڪتاب

اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون - ڪتاب

اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون

اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون (ڪتاب ):سنڌ جي مختلف مسئلن تي لکيل مضمونن جي هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي آهي، هن ڪتاب ۾ 10 مضمون ۽ انهن بابت رايا پڻ تحرير ٿيل آهن، ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر سليمان شيخ لکيو آهي، انهيءَ کان سواءِ غلام نبي مغل، طارق قريشي ۽ ذوالفقار هاليپوٽي پڻ پنهنجا ويچار لکيا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جنوري 2001ع ۾ سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ پاران شايع ڪيو ويو آهي. پڪي جلد ۾ ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪل 145 صفحا آهن ۽ قيمت 150 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو